شاهه پور اعظم

شاهه پور اعظم

شاهه پور اعظم

شاهه پور اعظم: ايران جي حڪمران، ساساني گهراڻي (226- 652ع) جي مشهور بادشاهه پور اعظم'>شاهه پور اعظم، 309ع کان 379ع تائين، ستر سال ايران تي حڪومت ڪئي. هُو ساساني گهراڻي جو نائون نمبر، مشهور ۽ خوشقسمت بادشاهه ٿي گذريو، جنهن پنهنجي دور ۾ رومي سلطنت سان وڏيون جنگيون وڙهيون، ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ رومين کي صلح تي مجبور ڪيو. پور اعظم'>شاهه پور اعظم پنهنجي والد جي وفات بعد بادشاهه بڻيو ته سندس عمر ننڍي هئي، جنهنڪري سلطنت جو ڪاروهنوار ايستائين سندس ماءُ هلايو، جيستائين هو وڏو ٿيو. جڏهن پور اعظم'>شاهه پور اعظم بادشاهه هو، تڏهن ايران ۽ رومي سلطنتن جا جهيڙا هلندڙ هئا. پور اعظم'>شاهه پور اعظم انهن ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڳچ جنگين کان پوءِ رومين ۽ ايرانين ۾ هيٺين شرطن تي صلح جو معاهدو ٿيو: (1) رومي حڪومت اهي پنج صوبا واپس ڪري جيڪي، قيصر ڊيوڪليشن، ايراني بادشاهه نرسيءَ کان ورتا هئا. (2) نصيبين ۽ بخارا به ايران کي ڏنا ويندا. (3) اوڀر جي ندين جو علائقو ايرانين جي تسلط ۾ رهندو. (4) آرمينيا مان رومي نڪري ويندا.
شاهه پور اعظم جي دور ۾ ٿيل جنگين سبب، رومي شهنشاهت کي گهڻو نقصان پهتو ۽ اُها زوال پذير ٿي وئي. مرزا مقبول بيگ موجب، هَن قبيلن کي مطيع ڪرڻ کان پوءِ پور اعظم'>شاهه پور اعظم هند ۽ سنڌ جو رُخ ڪيو. هُن هتان جي حاڪمن کي آسانيءَ سان زير ڪيو، جنهنڪري ايران کي هند ۽ سنڌ مان خراج ملڻ شروع ٿيو. (تاريخ ايران، اردو، جلد اول، شاهه پوراعظم جو بيان). ايڇ. ٽي ليمبرڪ پڻ هن دور ۾ سنڌو ماٿر تي ايراني بالادستيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. (‘سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ’، انگريزي، ص 128) تاريخدانن، پور اعظم'>شاهه پور اعظم جي دور جي گهڻي ساراهه ڪئي آهي. هڪ ته هن رومي سلطنت کي ڪمزور ڪيو ۽ ٻيو مختلف فتحن ذريعي پنهنجي سلطنت کي وڌايو. هن ايراني عوام جي ڀلي لاءِ گهڻائي ڪم ڪيا.
هو هڪ دانشمند ۽ دلير بادشاهه هو. ڪيترائي رستا، واهه، شهر ۽ باغ بستان، پور اعظم'>شاهه پور اعظم جي نالي سان منسوب آهن، جيڪي ايران ۽ قبضي هيٺ آيل علائقن ۾ تعمير ٿيا. شاهه پوراعظم ڊگهو عرصو حڪمراني ڪرڻ کانپوءِ 379ع ۾ فوت ٿيو.


لفظ شاهه پور اعظمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو